عمران خان جو انجام ۽ سنڌ جو امن امان.

شاهوڪار سنڌ جا ماڻهو بک کان پوء هاڻ بدامني جي باھ ۾ به سڙڻ لڳا آهن، غربت جي چڪيء ۾ پيسجندڙ عام ماڻهو ملڪي سياست کان لاتعلق بڻجي رهيو آهي، ڏٺو وڃي ته اسلام آباد جي سياست سنسني خيز صورتحال وانگر تبديل ٿي رهي آهي پر اسان جو ماڻهو بنيادي انساني ضرورتن جي پورائي پٺيان مهو آهي. ان ڪري اسلام آباد جي سياست کي سمجهڻ انهن لاء ايترو ضروري ناهي جيترو گهر وارن جي ڪفالت لاء هٿ پير هڻڻ ضروري آهي. پر سلجهيل ۽ سڄاڻ ماڻهو هر حال ۾ پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ هر چر پر تي نظر رکندا آهن اهڙي طرح سياسي صورتحال کان اپڊيٽ رهندڙ ماڻهو ئي سمجھ ڀري سوسائٽي قائم ڪندا آهن. سنڌ ۾ تمام تر مسئلن جي باوجود آئون مختلف وقتن تي سنڌ جي ماڻهن کي کي وفاق جي سياست بابت پنهنجي سوچ ۽ سمجھ جي آڌار تي آگاھ ڪندو رهيو آهيان، مون ڪيترائي ڀيرا پي ٽي آء جي انجام بابت جيڪي ڳالهيون لکيون هيون سي سڀ جو سڀ وقت سچيون ثابت ڪري ڇڏيون آهن، ماڻهو عمران خان جي تقريرن جي سحر ۾ اچي جڏهن کيس ملڪ جو هڪ ڀيرو وري وزير اعظم ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪندي نظر ايندا هئا تڏهن به آئون پنهنجي لکڻين جي ذريعي سندس تاريڪ سياسي مستقبل جون اڳڪٿيون ڪندو رهندو هئس. عمران خان کي جيڪا پذيرائي ملي هئي ان جو احساس کيس هجي ها ته هو دوران حڪومت عوام کي ڪجھ نه ڪجھ ڊليور ڪري ها پر هن پنهنجي اقتدار جي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪڇ ۾ ويهي هر اهو ڪڌو ڪم ڪيو جيڪو عوام دشمن هيو، ايتري قدر جو هن عالمي مالياتي ادارن جا قرض وقت سر واپس نه ڪري ۽ ساڻڻ ڪيل معاهدن جون ڀڃڪڙيون ڪري ايندڙ وقت جي حڪومتن لاء اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو اهي هيڏي ساري ڪوشش ڪندي به ان خطرناڪ صورتحال مان ٻاهر نڪري ناهن سگهيا. اڄ کان هڪ سال اڳ جڏهن سياسي ۽ مالياتي تجزيه نگار حيرت منجهان ڊالر کي اڍائي سئو رپين تائن پڄڻ جا خدشه ڏيکاريندا هئا تڏهن مون وڏي وصوق سان اهو لکيو ته ڊالر سال 2023-24 جي بجيٽ تائين 300 رپينبکان به ٽپي ويندو ۽ اڄ صورتحال اوهان جي آڏو آهي. آئون اڄ به پنهنجي ڳالھ دهرايان ٿو ته هن سموري صورتحال جو ذميوار اڪيلو شخص عمران خان آهي جنهن پنهنجي انا ۽ مفادن خاطر ملڪ کي هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو آهي جتان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو نظر اچي رهيو آهي. عمران خان جي حڪومت وئي ته سندس واڳوء وارن ڳوڙهن کي ڏسي ماڻهن وري کيس هيرو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون ان وقت به چيو ته گهمنڊ ۽ لالچ ۾ ورتل هن انسان جي سياست گهڻو وقت هلي نه سگهندي. عمران خان جي هشيء تي 9 مئي تي ٿيل واقعن کي ڏسي سندس اصلي سوچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. آئون سمجهان ٿو 9 مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو به فرق ناهي ۽ 9 مئي جي واقعن جي ذميوارن کي قوم نه ڪڏهن وساريندي ۽ نه ڪڏهن معاف ڪندي. نه رڳو وڳوڙن ۾ ٿيل نقصان پر شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ سندن وقار کي مجروح ڪندڙن کي به قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي نه ئي وساريندي. فوج، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جي علامت هوندا آهن پر هنن انهن ادارن خلاف ڪم ڪري دراصل ملڪ جي خلاف ڪم ڪيو آهي جنهن جي سزا کين ملي رهي آهي، اسان پنهنجن ادارن تي تنقيد به ڪندا آهيون پر حقيقت ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مُلڪ جي وقار خاطر ڪيتريون ئي قربانيون به ڏئي چڪا آهن، پر عمران خان ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن جي ٻولي ۽ عمل اهڙو رهيو آهي جهڙو ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين جو هيو. آئون سمجهان ٿو ته ڪنهن کي به شهيدن جي لازوال قربانين کي مجروح ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. آئون سمجهان ٿو ته نوَ ۽ ڏهه مئي وارن دل ڌوڏيندڙ واقعن پاڪستاني عوام کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي، تاريخي ۽ قومي ورثي کي باهه ڏيڻ ڪهڙي حب الوطني آهي؟ قومون پنهنجي تاريخي ورثي ۽ سڃاڻپ جي حفاظت ڪنديون آهن پر هتي انهن کي باهيون ڏنيون ويون. قومي عمارتن کي ساڙي سئو سالن جو رڪارڊ ۽ تاريخي ورثو تباهه ڪيو ويو. اهو وسارڻ گهرجي ته 9 مئي جا المناڪ واقعا صرف ڪو احتجاج هئا ۽ مشتعل ماڻهن جي اٻهرائپ هئي پر اهي واقعا هر صورت ۾ اڳواٽ طئه ٿيل پلان جو حصو هئا جن بابت ڪيئي وڊيوز ۽ آڊيو ڪالز به ثبوت طور سامهون اچي ويون آهن. اهڙن واقعن جي منصوباندي ڪندڙن جا ارادا ناپاڪ ۽ خطرناڪ هئا، پوري قوم لاءِ غم ۽ غصي جو سبب بڻجندڙ انهن شرمناڪ واقعن جي پويان هڪ اهڙي سوچيل سمجهيل منصوبابندي هئي جنهن تحت ڪجهه طاقت جي حوس جي شڪار ماڻهن جي مرضي تي اهڙا قابل مذمت قدم کنيا ويا جن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، رياستي علامتن، حساس تنصيبن، شهيدن جي يادگارن تي حملن سان شرپسندن ڄڻ ته ملڪ تي حملو ڪيو هيو. اهڙو حملو فقط دشمن ملڪ جي فوج ئي ڪري سگهي ٿي. اهڙن واقعن سبب سموري دنيا ۾ پاڪستان جي خواري ٿي ۽ دشمن ملڪن جي دل خوش ٿي. 9 مئي جي المناڪ ۽ دل ڏڪائيندڙ واقعن پوري قوم جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. اهڙن ماڻهن پاڪستان جي بنيادن کي کوکلو ڪرڻ جي ڪوششن ڪئي آهي، 9 مئي جي واقعن پاڪستان جي محاظن، ان جي ترقي لاءِ محنت ڪندڙن ۽ ملڪ جون جڙون کوکليون ڪندڙن وچ ۾ فرق کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ليڊر جي ورغلائڻ تي شهيدن جي بي حرمتي ڪئي وئي، شهيدن جي بي حرمتي ڪندڙ قوم جا مجرم آهن. سندن اهڙي جرم جي سزا کين هر حالت ۾ ملڻي هئي جنهن کان پوء سندن خلاف سگهارن هٿن طرفان گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، هر طرف کان سندن ڀڄڻ ۽ معافيون گهرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، ڪن توبه تائب ٿي باقي بچيل زندگي سياست کان ڪناره ڪشي جا اعلان ڪيا آهن ته ڪن وري پارٽيون تبديل ڪري ڇڏيون، ڪن عهده ڇڏيا ته ڪي وري ملڪ ئي ڇڏي ويا. ملڪ ڇڏڻ جي خبرن کان پوء حڪومت اڃان به سندن گهيرو تنگ ڪيو آهي، هن وقت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي سميت پي ٽي آءِ جي 600 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي مطابق 9 مئي جي وڳوڙن وارن واقعن ۾ ملوث هجڻ سبب عمران خان سميت 600 کان وڌيڪ اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن ۽ پي ٽي آءِ عهديدارن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، معلوم ٿيو آهي ته پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا ايف آءِ اي جي پرونشنل نيشنل آئڊينٽيفڪيشن لسٽ (پي اين آءِ ايل) ۾ وڌا ويا آهن، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کان سواءِ مراد سعيد، مليڪه بخاري، فواد چوڌري، حماد اظهر، قاسم سوري، اسد قيصر، ياسمين راشد ۽ ميان اسلم اقبال جا نالا به نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ ڪجهه عهديدارن پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش به ڪئي، پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ پي ٽي آءِ ميمبرن ۽ عهديدارن کي هوائي اڏن تي روڪيو ويو، انهن کي پرڏيهه سفر کان روڪڻ جي لاءِ نالا پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ڳجهن ادارن موڪليا ويا هئا. اهڙي طرح پي ٽي آء قيادت جيڪو نفرتن ۽ انا جو ٻج ڇٽيو هيو ان جو فصل اڄ هو پاڻ ئي لڻي رهيا آهن، سنڌ ۾ گهڻي قدر ٺاپر آهي پر ڪراچي ۾ وڳوڙ ڪندڙ حليم عادل شيخ جهڙن کي پڪڙ ۾ آڻڻ لاء حڪومت پئسا خرچ ڪري اشتهار هلائي رهي آهي. سنڌ ۾ سياسي ٺاپر جو هڪ سبب اهو به آهي ته سنڌ جو عام ماڻهو سياست بدران گهر وارن لاء اٽي آڻڻ لاء پريشان آهي. مون مٿي ذڪر ڪيو ته اڳ ۾ سنڌ جو ماڻهو رڳو بک ۾ بدحال هيو پر هاڻي بک سان گڏ بدامني پڻ سنڌ جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪڏهن به بهتر ناهي رهي. پر هن وقت ته صورتحال اڃان به خراب بلڪه خطرناڪ بڻيل آهي، هڪ پاسي قبيلائي دهشتگرديءَ جي باهه آهي ته ٻئي پاسي اغوا انڊسٽري به عروج تي پهچي وئي آهي. اڳ ۾ ڌاڙيل عورتن ۽ ٻارن جو احترام ڪندا هيا پر هاڻي ته ڌاڙيلن جي اکين ۾ انسانيت سان گڏ ڪو حياء شرم به ناهي بچيو. سنڌ ۾ بدامنيءَ جي خلاف احتجاج به ٿي رهيا آهن، ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم نينگر سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ سموري سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، اها ڳالهه سمجھ ۾ نٿي اچي ته ملڪ ۾ جڏهن به سياسي بحران هوندو آهي، انتشار ۽ انتظامي افراتفري هوندي آهي ته سنڌ ۾ امن امان جون حالتون خراب ڇو ٿي وينديون آهن؟ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ منشيات جي خاتمي جو رينجرز کي ٽاسڪ ڏنو ويو هيو پر ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ ساڳي طرح وري امن امان جي حوالي سان به رينجرز جي مدد وٺڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر آئون سمجهان ٿو ٿه جيسين تائين ڪتو چورن سان مليل هوندو تيستائين ڀاڳيو آرام جي ننڊ سمهي نه سگهندو يعني امن امان بحال ڪرڻو هجي يا منشيات بند ڪرائڻي هجي پر جيسيتائين سنڌ پوليس کي سڌاريو نه ويندو تيسيتائين سنڌ جو ماڻهو سک جي ننڊ سمهي نه سگهندو. شهيد محترما بينظير ڀٽو جي دور ۾ لڳ ڀڳ 30 سال اڳ سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ انتظاميا جي مدد لاءِ اها وفاقي فورس يعني رينجرز سنڌ ۾ مقرر ڪئي ويئي هئي، ان وقت به سنڌ ۾ پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل هئي بدقسمتي سان سنڌ ۾ رينجرز توڙي پوليس تي ايڏو وڏو خرچ ٿيڻ باوجود به امن امان بحال نٿو ٿئي. سنڌ ۾ امن امان جي انتهائي خطرناڪ صورتحال بڻجي وئي آهي، امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي تحفظ واري ذميواري پوري ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت کي خاص دلچسپي وٺڻي پوندي. سڄي سنڌ پر خاص طور تي سنڌ جي اترين علائقن، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، ڪوبه ماڻهو هڪ رات به پنهنجي گهر ۾ سک سان سمهي نٿو سگهي، ماڻهو مجبور ٿي احتجاج لاء روڊن تي نڪتل آهن، بدامني جي جهڪ لاء هڪڙو ننڍڙو مثال ڏجي ٿو ته ڪشمور جي شهر ڪرمپورجي گرڊ اسٽيشن آپريٽر سميت 6 ڄڻا ننڊ ستا پيا هئا، صبح جو سوئيپر صفائي لاءِ پهتو ته بسترا خالي پيل هئا ۽ آفيس جا شيشا ڀڳل هئا، خبر پئي ته همراھ سڀ اغوا ٿي ويا.
ميهڙ جي عدالت ۾ اندر گهڙي ٽي ڄڻا قتل ٿين ٿا ۽ قاتل وڏي فخر سان قتل جو اعتراف ڪن ٿا، ڏوڪري جي عدالت ۾ طلاق وٺڻ لاء ڪيس داخل ڪندڙ عورت کي مڙس سرعام قتل ڪري ڇڏي ٿو. اهو ئي نه پر ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ اڃان سوڌو بازياب نه ٿيو آهي جنهن جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، سياسي سماجي تنظيمن ۽ هندو پنچائت ان حوالي سان وڏا احتجاج به ڪيا آهن، هفتو اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ سمرت ڪمار کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري ٻالڪ جي گهر ۾ ڄڻ ته قيامت جا منظر آهن. خبر ناهي ته اتر سنڌ جي ضلعن مان چونڊيل نمائندن کي پنهنجن علائقن ۾ رهندڙ خدا جي خلق تي ڇو ترس نٿو اچي، ساڳي ريت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي پڻ ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جو وڏو وزير هجڻ ناتي سموري سنڌ سندس تڪ آهي ان ڪري سنڌ جي ماڻهن تي رحم کائي کيس فوري طوري امن امان بحال ڪرڻ لاء جوڳا اپاء وٺڻ گهرجن.

اپنا تبصرہ بھیجیں