سنڌ جي نگران حڪومت جو بحران ۽ مستقبل جا امڪان

۽ وفاق کان پوء نيٺ سنڌ اسيمبلي به ٽٽي وئي. سنڌ اسيمبلي ٽٽڻ سان گڏ اٽڪل پنجاھ کان مٿي وزير، مشير ۽ معاون به گهرن ڀيڙا ٿي ويا، سيد مراد علي شاھ 4 سال 11 مهينا ۽ 29 ڏينهن اقتدار ۾ رهڻ بعد فقط هڪ ڏينهن اڳ حڪومت ختم ڪرڻ تي وقت کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ تي عوام کان معافي به گهري آهي. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته اسيمبلي ختم ٿيڻ سان 18 وزير، 5 مشير، 27 خاص معاون ۽ 2 ڪورآڊينٽر گهرن ڀيڙا ٿيا آهن البته ملڪ جي آئين موجب وڏو وزير سيد مراد علي شاھ نگران سيٽ تائين ڪم ڪندو رهندو. سنڌ جي وڏي
وزير مراد شاهه اسيمبلي ٽوڙڻ بابت سنڌ جي گورنر کي جيڪا سمري اماڻي وئي هئي، سا گورنر سنڌ ڪامران ٽسوريء فقط هڪ ڪلاڪ اندر منظور ڪندي اسيمبلي ٽوڙڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن کان پوء سياسي پنڊتن جون نيون نيون ٿيوريز ۽ اڳڪٿيون مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن، هن وقت تائين مختلف تجزينگار پنهنجي پنهنجي ليکي ڪيترن ئي رٽائرڊ بيوروڪريٽس ۽ وزيرن جي ويجهن مائٽن ۽ سنگتين کي وڏو وزير ۽ ٻين کاتن جا وزير بڻائي چڪا آهن. هن وقت وفاق توڙي صوبن ۾ نگران سيٽ اپ بابت ڪيترائي بحث هلندڙ آهن. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ ملاقاتون ٿيڻ جون پڻ خبرون هليون آهن، نگران وڏي وزير لاء گذريل هڪ مهيني کان پ پ پاران اڳوڻي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه ۽ رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر ۽ ٻين جا نالا گردش ڪري رهيا آهن پر ان ڏس ۾ اڃان سوڌو ڪو حتمي فيصلو ٿي نه سگهيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير لاء انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو ڪڻو نڪري ٿو يا ماڳهين اڃان ڪو ٻيو خوش نصيب سامهون اچي ٿو. سياسي نگاھ سان نظر ڦيرائبي ته پ پ پاران ته امڪاني طور مٿين صاحبن جا نالا گردش۾ آهن پر ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي پاران به ڊاڪٽر صفدر عباسي، شعيب صديقي ۽ يونس ڏاگها جي نالن تي نگران وڏي وزير طور اتفاق ڪيو ويو آهي، پر هر ماڻهو سمجهي ٿو ٿو ته سنڌ ۾ پ پ جي اڪثريت هجڻ سبب پ پ جو ئي نامزد ڪيل وڏو وزير ٿيندو. هڪ ڏينهن اڳ وڏ وزارت ڇڏيندڙ سيد مراد علي شاھ 2002 کان چار ڀيرا سنڌ اسيمبليء ۾ پهتو آهي، بظاهر گلن جي سيج نظر ايندڙ سي ايم شپ جي ڪرسيء تي به سيد مراد عي شاھ ٻه ڀيرا براجمان ٿي چڪو آهي. جيتوڻيڪ هن حڪومت جي کاتي ۾ مهانگائي سان گڏ امن امان تي ظابطو نه آڻڻ جهڙيون ڪوتاهيون يا ناڪاميون به شامل آهن پر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جون اهي سڀ ڳالهيون حقيقت تي مبني آهن ته گذري ويل پنج سال هن حڪومت لاء ايترا سولا ۽ سٺا به نه هئا جيترا پري کان نظر اچن ٿا. اهوبه سچ آهي ته اسيمبلي ۽ حڪومت کي مڪمل طور آزادانا انداز ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو، جنهن جو وڏو مثال اسپيڪر سراج دراني آهي جيڪو اڄ به اسيمبلي هلائڻ لاءِ جيل مان اچي ٿو، ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن تي ڪيس ۽ ريفرنس آهن. صوبي کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي بيوروڪريسي کي تنگ ڪيو ويو. نه فقط وفاق طرفان پر قدرتي طور به هن حڪومت کي ڪافي ڏکيائيون پيش آيون. مثال طور ڪورونا سبب سنڌ جا سمورا ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ٿيا، اڃان ان وبا مان جان ئي نه ڇٽي ته وري مٿان 2020 واري ٻوڏ آئي، جنهن سبب سنڌ جو وڏو حصو ٻڏي ويو. سرڪاري انگن اکرن موجب 2022 جي ٻوڏ ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ لکين گهر تباھ ٿيا، فصل ٻڏي ويا ۽ تعليمي دارا به ٻڏي ويا پر اهڙن موقعن تي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيء کي دنيا به مڃيو ٿي ۽ مثال ڏنا ٿي. اها ٻي ڳالھ آهي ته وسيلا گهٽ هجڻ سبب انهن تباهين جو مڪمل ازالو اڃان تائين به ٿي نه سگهيو آهي پر پوء به پنج سال زندگيء جي باقي حصي وانگر ڳالهين ڳالهين ۾ پورا ٿي ويا ۽ هاڻي سنڌ ۾ نگران حڪومتي سيٽ اپ ٺاهڻ تي بحث مباحثه جاري آهن، نه فقط نگران حڪومت پر ايندڙ اليڪشن بابت به بحث مباحثه هلندڙ آهن. اوهان ڏٺو هوندو ته جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم هميشه اهڙن موقعن تي گڏجي ويندا آهن پر عارضي ويجهڙائپ بعد انهن ۾ وري فاصلا اچيو وڃن ان جو سبب اهو هوندو آهي ته انهن کي مٿيان کان جيڪي به هدايتون ملنديون آهن هو فقط انهن تي عمل ڪندا آهن. سڄي ملڪ مان پي ٽي آء جو سفايو ٿيڻ بعد ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ته پ پ جي سامهون ڪابه وڏي مشڪل نظر نٿي اچي، آئين جي پورائي خاطر جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي نگران وڏي وزير لاء نالا نامزد ضرور ڪيا آهن پر سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ فيصلا سازي جي پوزيشن هن وقت فقط پ پ وٽ آهي، ساڳي طرح ايندڙ اليڪشن لاء به سنڌ ۾ ته پ پ لاء ميدان مڪمل طور صاف نظر اچي رهيو آهي، جن جن ضلعن ۾ هڪ مخصوص خاندان جي بالادستي هئي اتي هاڻ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اها بالادستي ختم ٿي چڪي آهي، ٺٽو، دادو، ڄامشورو، مٽياري ۽ ٻين ضلعن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا، ان کان علاوه سنڌ ۾ پير پاڳاري ۽ نوشهري وارن جتوئين کان سواء شايد ئي ڪي سگهاريون ڌريون باقي هجن جيڪي پ پ ۾ شامل نه ٿيون هجن، دادو وارن جتوئي صاحبان لاء ته ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته اهي پ پ ۾ شامل ٿين لاء تيار آهن. ڄامشوري ۾ امڪاني طور تي پ پ ڇڏڻ جي صورت ۾ پراڻن پارلييمينٽريز لاء متبادل ماڻهو تيار ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪراچي جيڪا ڪجھ وقت اڳ پ پ لاء نوگو ايريا بڻيل هئي اتي به پ پ پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙي چڪي آهي ان ڪري جيڪڏهن هن ڀيري ايم ڪيو ايم پنهنجي ساڳي غلطيء کي دهرائڻ بدران اليڪشن ۾ حصو وٺندي ته به پ پ هن ڀيري ڪراچيء مان ڪافي سيٽون کٽي ايندي جنهن کان پوء جا آيل نتيجا ڏاڍا دلچسپ هوندا، يعني هن ڀيري ايم ڪيو ايم هميشه جيان پ پ جي سنڌ حڪومت کي بيلڪ ميل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ شايد نه هجي. اهو سڀ ڪجھ پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ ڪراچيء جي قيادت سعيد غني ۽ ٻين ماڻهن جي ڏاهپ، پارٽي سان سچائي ۽ عوام ۾ وڃي انهن جا ڪم ڪاريون ڪرڻ سبب ممڪن بڻيو آهي. وفاق ۾ جيڪر ڏسجي ته اتي اپوزيشن ليڊر راجا رياض وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ مشاوت بعد نگران وزير اعظم لاءِ سينيٽر انوار الحق جي نالي جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزير اعظم هائوس موجب وزير اعظم شهباز شريف، اپوزيشن ليڊر سان مشاورتي عمل تي سندس سهڪار تي ٿورا مڃيا ۽ اهو طئه ٿيو ته وزيراعظم ننڍن صوبن مان ٿيندو جنهن بعد انواراحق جي بالي تي اتفاق ڪيو ويو. بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ 2018 ۾ سينيٽر چونڊجي آيو هو جنهن کي بطور نگران وزيراعظم جي مقرري لاء چونڊيو ويو آهي. گذريل ڏينهن جڏهن ته صدر عارف علويءَ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر کان هڪ ڏينهن اندر نالو گھريو ته وزراعظم شهباز شريف رد عمل ڏيندي چيو ته صدر صاحب! تڪڙ ڇاجي آهي؟ پهريان قانون ته پڙهي وٺو. آرٽيڪل 224 ون اي تحت صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪندو آهي. آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيملبي ٽوڙڻ جي ٽن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم لاءِ نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي. ان حساب سان صدر وزيراعظم جي ايڊوائس منظور ڪندي 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو هيو پر آئين اهو به چوي ٿو ته ٽن ڏينهن ۾ جيڪڏهن اپوزيشن ليڊر سان اتفاق راءِ نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪاميٽي وٽ ويندو، ٽي ڏينهن پارلياماني ڪاميٽي وٽ هوندا، جنهن کان پوءِ اتفاق راءِ نه ٿيو ته ٻه ڏينهن وري اليڪشن ڪميشن وٽ هوندا. جيتوڻيڪ خيال اهو پئي ڪيو ويو ته حڪومت مختلف بهانا ڪري نگران سيٽ اپ لاء اڃان ڪجھ ڏرنهن ڪڍي ويندي پر سينيٽر انواراحق جي نالي تي اٿفاق جو اعلان ڪري سموريون قياس آرايون ختم ڪيون ويون گڏوگڏ جن نالن جون اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون سي وڻ سڀ غلط ثابت ٿيون. وفاقي حڪومت جي خاتمي تي سنڌ جي وڏي وزير وانگر ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف جو به ساڳيو پٽڻو هيو ته گذريل 16 مهينا منهنجي زندگي جا سڀ کان مشڪل دور هو، شهباز شريف کي شڪايت هئي ته عمران خان آمريڪا تي بي بنياد الزام لڳائي سندن آمريڪا سان دوستي خراب ڪئي ڇاڪاڻ ته هنن جا آمريڪا سان سفارتي تعلقات تقريبن ختم ٿي چڪا آهن پر کيس اميد آهي ته هاڻي وري آمريڪا سان تعلقاتن ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي آهي. عمران خان جو عارضي طور باب بند ٿيڻ بعد هن وقت صورتحال اها آهي ته سنڌ ۾ پ پ مڪمل طور مظبوط ٿيڻ بعد هاڻي وفاق ۾ نواز ليگ سان مدمقابل ٿي وزيراعظم جي سيٽ حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي چڪي آهي جڏهن ته نواز شريف تي به هاڻي ڪا پابندي ناهي، هو پنج سالن جي نا اهلي جو مدو پورو ڪري چڪو آهي، نواز شريف واپس اچي قانون کي منهن ڏيندو يا نه اهو سوال پنهنجي جاء تي پر هن حڪومت جي سورهن مهينن ۾ ڀلي ته ملڪ جو عوام مهانگائيء جي چڪيء ۾ پيسجي چڪو هجي پر ايترو ضرور ٿيو ته نون ليگ اڳواڻن جا ڪيس ختم ٿيڻ سان گڏ نيب به بيضرر ٿي وئي، نه رڳو اهو پر عمران خان کي الائي اها مت ڪنهن ڏني جو 9 مئي جا واقعا رونما ٿيا جنهن کان پوء سندس سياست جو ڏيئو ئي اجهامي ويو. پويون ڏيڍ سال ظاهري طرح ته نون ليگ جي فائدي ۾ رهيو پر ڏور رس نتيجن کي ڏسبو ته ان سڄي صورتحال ۾ پ پ کي سڀ کان گهڻو فائدو رسيو ۽ عوامي مقبوليت حاصل ٿي. ان ڪري هن ڀيري وفاق ۾ يقيني طور تي گذريل اليڪشن جي ابتڙ پ پ جي اهڙي پوزيشن هوندي جو اها اڪيلي سر حڪومت نه به ٺاهي ته به اهو ضرور هوندو ته اها سڀني کان مظبوط پوزيشن رکندڙ پارٽي هوندي، جڏهن ته سنڌ ۾ هن ڀيري جيڪڏهن متحده اليڪشن نه وڙهڻ واري غلطي نه ڪئي تڏهن به پ پ سڀني کي ميدان ماريندي نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته پ پ ويجهين مڪاني چونڊن ۾ نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ مان وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽيون آهن، هاڻ پ پ ٻن ٽن مهينن لاءِ موڪل تي ضرور وڃي پئي پر سندس سفر اتان کان شروع ٿيندو جتان ختم ٿيو آهي.

سنڌ جي نگران حڪومت جو بحران ۽ مستقبل جا امڪان” ایک تبصرہ

  1. You are really a good webmaster. This site loading velocity is amazing. It seems that you are doing any unique trick. Moreover, the contents are masterwork. you have done a wonderful job on this matter! Similar here: sklep online and also here: Ecommerce

اپنا تبصرہ بھیجیں