پي ٽي آء پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو!

پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ کان پوء ادارن جي ڪاوڙ سان گڏ عوام پاران به هاڻي عمران خان سان لاتعلقي ۽ بيزاريء جو اظهار ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آء تي ادارن جي ڪاوڙ جي پٺيان ڪيترائي مظبوط دليل ۽ جواز موجود آهن اهو ئي سبب آهي جو ٿوري ٿوري ڳالھ تي لاهور جي مينار پاڪستان تي عوام جا هجوم گڏ ڪرڻ وارو عمران خان سندس سياسي تابوت ۾ لڳندڙ آخري ڪوڪن جي ٺڪائن تي به خاموش آهي ۽ عوام به سندس ڪيل گناهن جي سزا ڪاٽڻ لاء کيس اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. پي ٽي آء پاران ڪيل گند جي صفائيء جي سلسلي ۾ جيڪو ٻهارو گهمايو ويو هيو سو اڃان به گهمي پيو ۽ چئني صوبن ۾ پي ٽي آء سان ٻه ٻه هٿ ٿيڻ کان پوء هاڻي ملڪ جي مٿين علائقن واري صوبي گلگت بلتستان ۾ به سندس صفايو ٿيو ويو آهي. پي ٽي آء سان لاڳاپيل گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر نذير احمد خلاف بي اعتمادي رٿ کان علاوه چيف ڪورٽ گلگت بلتستان وڏي وزير خالد خورشيد کي وري جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن کان پوء نئين وڏي وزير جي چونڊ لاء پي ٽي راجا اعظم کي نامزد ڪيو پر گلگت بلتستان جِي سُپريم ڪورٽ وڏي وزير جي چونڊ روڪرائي ڇڏي ۽ اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نئون شيڊول جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، اهو ڪم پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن کان ئي ڪرايو ويو جن عدالت ۾ اجلاس ملتوي ڪرڻ جي داخل ڪئي. سياسي ڇڪتاڻ کان پوءِ آءِ جي گلگت بلتستان کي به تبديل ڪيو ويو آهي. گلگت بلتستان جي 33 ميمبرز جي ايوان ۾ 17 ميمبرز جي حمايت وٺڻ لاءِ نمبر گيم هلندڙ آهي، پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي چڪو آهي. ظاهري طرح پي ٽي آءِ جو حڪومتي اتحاد 23 ميمبرز تي ٻڌل آهي، جڏهن ته پ پ جا 4، نواز ليگ جا 3، جي يو آءِ ف ۽ هڪ آزاد ميمبر اپوزيشن ۾ شامل آهن، پر کٽيندو ڪير ان جو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو مشڪل ناهي. گلگت بلتستان سان گڏ بلوچستان ۾ مڪاني ادارن جي ضلعي چيئرمين جي چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جو مڪمل صفايو ٿي ويو آهي، بلدياتي اليڪشن ۾ بلوچستان ۾ ٿيل 35 ضلعي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين چونڊيا ويا آهن جنهن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي چيئرمين جون 10 ۽ وائس چيئرمين جون 9، پ پ 6 چيئرمين ۽ 4 وائس چيئرمين ۽ جي يو آءِ چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جون 4-4 سيٽون حاصل ڪيون آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ کي هڪ به سيٽ نه ملي سگهي آهي.
پي ٽي آء کي هر طرف کان سوڙهو ڪرڻ وارو عمل ساڳي تيزي سان جاري آهي. عمران خان کي جي ايچ ڪيو حملي سميت 9 مئي جي مختلف واقعن جي ڪيسن ۾ باظابطه طور نامزد ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي 9 مئي واقعن جي جوابدارن جي بيانن جي روشني ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. اهي بيان سندس ساٿي ئي ڏئي رهيا آهن يا انهن کان ڏياريا پيا وڃن. اهڙن بيانن کان پوء پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف فيصل آباد، راولپنڊي ۾ ٻه ٻه ۽ گجرانوالا ۽ ميانوالي ۾ هڪ هڪ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. مٿس 9 مئي حملن جا 3 ۽ 10 مئي جا به 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جن جا فريادي پوليس اهلڪار آهن جڏهن ته جي آءِ ٽي کي سمورن ڪيسن جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي ياد رهي ته آر اي بازار ٿاڻي راولپنڊي تي جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ راجا بشارت سميت 15 ڄڻا اڳ ئي نامزد ٿيل آهن.
هڪ طرف پي ٽي آء جو هر طرف کان گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف وري لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) اڳواڻ نوازشريف جي غيرقانوني پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ سندس بريت جو فيصلو ڏنو آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رڪارڊ ٻڌائي رهيو آهي ته نوازشريف کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو ويو، عدالت اهو به لکيو آهي ته ان وقت جي حڪومت نيب اختيارين کي نوازشريف جو سياسي ڪيريئر تباهه ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ملڪ جو 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نوازشريف جي ساک کي تباهه ڪيو ويو. احتساب عدالت واضح ڪيو آهي ته ريفرنس جي الزامن ۾ نوازشريف جو ڪردار شريڪ جوابدارن کان به گهٽ آهي جنهن بعد عدالت نوازشريف جون ملڪيتون بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. در اصل نواز شريف کي اهو سڀ فائدو نيب قانون ۾ ڪيل ترميم جي نتيجي ۾ مليو آهي جنهن کان پوء نيب قانونن ۾ اڃان به ترميمون ڪيون پيون وڃن. نيب قانون بابت هڪ وڌيڪ ترميمي آرڊيننس سامهون آيو آهي جنهن موجب ڪنهن کي ڪوئي فائدو پهچائڻ جي بدلي ۾ تحفا ڏيڻ وٺڻ ڏوهه تصور ٿيندو. ان کان علاوه چيئرمين نيب کي ڪيس ۾ ڪنهن شخص کي وعده معاف شاهد بنائڻ جو به اختيار ڏنو ويو آهي، آرڊيننس مطابق وعده معاف گواهه پنهنجي گواهي ميجسٽريٽ جي سامهون رڪارڊ ڪرائيندو، جيڪڏهن وعده معاف گواهه ڪا ڳالهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي معافي منسوخ ٿي ويندي، معافي منسوخ ٿيڻ جي صورت ۾ وعده معاف گواهه جي گواهي ان جي خلاف به استعمال ٿي سگهندي، اهوئي نه پر ڪيس ڪوڙو ۽ بدنيتي تي ٺاهڻ ثابت ٿيڻ تي ڪيس ٺاهيندڙ کي 3 سال قيد جي سزا ٿي سگهندي، البته هاڻ نيب ملزم کي 14 ڏينهن بجاءِ 30 ڏينهن رمانڊ تي حراست ۾ رکي سگهندي، آرڊينينس موجب نيب چيئرمين ڪيس جي پيروي جي لاءِ ڪنهن به وڪيل جون خدمتون حاصل ڪري سگهندو. هن نئين آرڊينينس بابت پڻ دلچسپ ۽ اهم ڳالھ اها آهي ته هن آرڊيننس کي ترميمي آرڊيننس 2023ع چيو ويندو پر اهو آرڊيننس 1999 کان لاڳو ٿيندو. نئين آندل آرڊيننس تي آئيني طور سوال اٿڻ جي انديشي سبب آرڊيننس جاري ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو هلندڙ اجلاس ته اڻ اعلانيل مدت تائين ملتوي ڪرايو ويو پر گڏيل پارليامينٽ جو 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪيل اجلاس اڻ اعلانيل مدت تائين ملتوي نه ڪرايو ويو ان جو مطلب گڏيل پارليامينٽ ان سيشن هيو جڏهن ته آئين تحت قومي اسيمبلي يا سينيٽ ان سيشن هجي ته صدر آرڊيننس جاري نٿو ڪري سگهي پر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي تي ٻڌل گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس ان سيشن هجڻ باوجود صدر سومر ۽ اڱاري جي وچواري رات آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آھي جنهن ڪري آرڊيننس جي قانوني حيثيت تي سوال پيدا ٿيڻ جو انديشو وري به موجود آهي. ظاهر آهي ته هي سڀ ڪجھ پي ٽي آء کي مظبوط ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ حڪومتي ڌرين خاص طور تي نواز ليگ کي فائدو رسائڻ لاء ڪيو پيو وڃي. حڪومتي ڌرين جي خواهش اڳ ۾ ته فقط خواهش ئي هئي پر جڏهن کان پي ٽي آء جو جهيڙو ادارن سان شروع ٿيو تڏهن کان حڪومتي ڌرين جي ڄڻ ته الله ٻڌي آهي جو هاڻ هو هر اهو ڪم بنا ڪنهن ۡحجاب ۽ خوف خطري جي ڪري رهيا آهن جنهن مان کين فائدو ۽ عمران خان جي پارٽي کي ڪو نقصان هجي. نه رڳو ن ليگ پر خود پي ٽي آء کان ڌار ٿيل سندن اڳوڻا ساٿي ۽ رفيق پڻ ن ليگ کان به ٻه قدم اڳتي نظر اچن ٿا. مثال طور استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف کي تحليل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. عون چوڌري موقف اختيار ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عدليه مخالف ۽ نفرت جوڳيون تقريرون ڪيون. هن نه رڳو بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پر پاڪستان جي آئين جي به ڀڃڪڙي ڪئي، ان جي ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن جون تقريرون ادارن خلاف ۽ آئين جي ابتڙ آهن. درخواست ۾ هن ڄاڻايو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سمورا ثبوت ۽ بيان به موجود آهن جيڪي هن درخواست ۾ شامل ڪيا آهن. هن درخواست ۾ عمران خان جي فوج خلاف ڌمڪين واريون تقريرون ۽ سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ٽوئيٽس به شامل ڪيا آهن. يعني پي ٽي آء تي وار ڪرڻ ۾ سندس پنهنجا به شامل ٿي ويا آهن. سنڌيء ۾ چوڻي آهي ته “ڪريي جو ڪير به نه هوندو آهي” پي ٽي آء هن وقت سڪرات ۾ پيل اهڙو مريض آهي جنهن جي ڪير به عيادت ته نٿو ڪري پر هر ماڻهو ان انتظار ۾ آهي ته سندس آخري رسمون ڪڏهن ٿيون ادا ٿين.

اپنا تبصرہ بھیجیں