پيپلز پارٽيءَ ڪراچي جي 50 سالن جي تاريخ بدلائي ڇڏي!

پيپلز پارٽيءَ ڪراچي جي 50 سالن جي تاريخ بدلائي ڇڏي!

پيپلز پارٽي جا سخت مخالف قومپرست ڪارڪن به مرتضي’ وهاب جي ڪراچي جي ميئر ٿيڻ تي يا ته مبارڪون ڏئي رهيا آهن يا وري خوشيء جو اظهار ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ جو هن هڪ اهڙي رجعت پسند ۽ تعصب پرست حافظ نعيم کي شڪست ڏني آهي جنهن تازو ئي سنڌي ماڻهن لاء زهر جي الٽي ڪري اندر جو گند اوڳاڇي سنڌ سان نفرت جو اظهار ڪيو هيو.
ڪراچيء ۾ پهريون جيالو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ٿيڻ سان گڏ پيپلز پارٽي حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه کانپوءِ لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص مان به پنهنجا ميئر آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي. مجموعي طور سنڌ پرڳڻي جي 22 ضلعن مان پ پ جا چيئرمين سوڀارا ٿي ويا آهن. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل ميئر جي چونڊ ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي مقابلي ۾ پ پ جي مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کڻي ميدان ماريو جڏهن ته حافظ نعيم الرحمان کي 160 ووٽ مليا، ووٽنگ مهل پي ٽي آءِ جا 31 ميمبر ايوان مان غائب رهيا، تحريڪ لبيڪ جي هڪ ميمبر پڻ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو مرتضيٰ وھاب 173 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پيپلز پارٽي جي ڊپٽي ميئر سلمان به 173 ووٽ ۽ جماعت اسلامي جي سيف الدين 160 ووٽ کنيا. ڪراچي جو ميدان فتح ڪرڻ سان گڏ پيپلز پارٽي سموري سنڌ جي ڊويزنل سطح جي سمورن شهرن جا ميئر توڙي سمورن ضلعن جا چيئيرمين به کٽائي ڏيکاريا آهن. ڪراچيء ۾ پيپلز پارٽي حقيقت ۾ ته ان وقت ئي پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا هئا جڏهن هڪ ورڪر جو ورڪر پٽ سعيد غني پ پ جي ٽڪيٽ تان ڪراچيء جي هڪ تڪ تان ايم پي اي چونڊجي آيو هيو. سعيد غني مسلسل پيپلز پارٽيء جون ڪراچيء ۾ پاڙون پختيون ڪرڻ لاء ڪم ڪندو رهيو ۽ ان وقت جڏهن ڪراچيء جي ميئرشپ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون ته سعيد غني ڪيترائي ڏينهن اڳ وڏي اعتماد سان چئي ڇڏيو هيو ته ڪراچيء جو ايندڙ ميئر جيالو ئي ٿيندو. ڪراچي جو ميئر هڪ پ پ جو جيالو ٿيڻ وارو واقعو پنهنجي نوعيت جو هڪ اهم واقعو به ضرور آهي ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا پناهگير سوچ رکندڙ تعصب پرست ماڻهو ڪراچي کي پنهنجي پيء جي جاگير سمجهندا هئا پر سعيد غني جي مسلسل محنتن ۽ قربانين سبب اڄ ڪراچي پيپلز پارٽي جو مظبوط مرڪز بڻجي چڪو آهي. جيتوڻيڪ هن چونڊ ۾ شڪست کائيندڙ حافظ نعيم اخلاقي طور شڪست قبولڻ بدران اهي الزام هڻي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت جي چست دستن پي ٽي آءِ جي 29 ميمبرن کي اغوا ڪري ووٽ وجهڻ کان روڪيو آهي ۽ هن الزام لڳايو آهي ته ميئر جي چونڊ جي موقعي تي هال جا دروازا بند ڪيا ويا ۽ پي ٽي آءِ جي 29 ميمبرن کي ان عمل کان پنهنجي ايليٽ فورس جي ذريعي گهرن مان جبري طور اغوا ڪري روڪيو ويو، پر حقيقت اها آهي ته جهڙي طرح 9 مئي جي سانحي کان پوء پي ٽي آء جا ليڊر ڌڙا ڌڙ پارٽي کان پنهنجيون راهون جدا ڪري رهيا آهن اهڙي طرح ميئر جي اليڪشن ۾ پڻ ميمبرن پي ٽي آء قيادت جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪندي احتجاجن ووٽنگ واري عمل ۾ ئي حصو نه ورتو جنهن ڪري حافظ نعيم کي شرمناڪ شڪست ٿي آهي. حافظ نعيم جيڪو ننڊ ۾ به ميئر ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو هيو تنهن ميئر جي چونڊ ۾ ڌنڌلي جا الزام مڙهي نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ احتجاج ڪري رهيو پر ميئر ڪراچي جا چونڊ نتيجا اچڻ کانپوءِ مرتضي وهاب کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، ان حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، وزيراعليٰ مرادشاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني پاران جتي سڀ اڳواڻ کيس واڌايون ڏئي رهيا آهن اتي دلچسپ ڳالھ اها سامهون آئي آهي ته مٿين پارٽي قيادت سان گڏ ڪراچي جو عوام سعيد غنيء کي به مبارڪون ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته مرتضي’ وهاب جي ڪاميابيء پٺيان اصل محنت سعيد غنيء جي ئي آهي. ان حوالي سان اڳوڻي صدر آصف زرداري سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ۾ مرتضي’ وهاب کي مبارڪون ڏيڻ سان گڏ اهو به چيو آهي ته پ پ جا ميئر ۽ چيئرمين پنهنجا در کولي عوام جي خدمت شروع ڪن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وري اهو چيو ته اڄ ڪراچي مان نفرت جي سياست ختم ٿي وئي، سنڌ واسين پ پ کي ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪاميابي ڏني آهي اهڙي طرح پارٽي قيادت کان وٺي عام ورڪر تائين هر ماڻهو ڪراچي جو ميئر جيالو ٿيڻ تي خوشيء جو اظهار ڪري رهيو آهي پر ڪراچي اندر پ پ جي اهڙي ڪاميابي ڏسي سندس مخالف بوکلائجي ويا آهن، کين اها خبر ئي نه هئي ته سعيد غني ڪهڙي نموني آهستي آهستي ڪراچيء اندر پيپلز پارٽيء جا بنياد مظبوط ڪري رهيو آهي. مخالفن کي سمجھ ۾ ئي نه پيو اچي ته هي سڀ ڪجھ ڇا ٿي ويو ان ڪري سينيٽ اجلاس مان ميئر ڪراچي جي چونڊ خلاف جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آء ميمبرن واڪ آئوٽ ڪري احتجاج ڪيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي هڪ سينيٽر اهو الزام لڳايو ته پ پ ڪراچي ۾ ماڻهن جي منڊي لڳائي پنهنجو ميئر کٽرايو پر اتي سينيٽ ۾ ئي کيس ڪرارو جواب مليو ته 9 مئي جي واقعن کان پوءِ خبر پئي ته عمران خان هڪ دهشتگرد آهي، ان شهيدن جي يادگارن کي ساڙيو، دهشتگرد ٽولي جي سربراهه پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ شهيدن جي يادگارن کي ساڙيو، شهيدن جون يادگارون ساڙيندڙ عمران خان جي پارٽيء جا ماڻهو بغاوت ڪري ووٽ ڏيڻ نه آيا جنهن کي ڌانڌلي ڪوٺيو پيو وڃي. جماعٿ جو هارايل حافظ نعيم هاڻ ڀلي ڇا به چوي پر ڪراچيء جو ميئر بحرحال هڪ جيالو چونڊجي چڪو آهي جنهن جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخوست به ڏني وئي آهي، عدالت في الحال ته ميئر جي چونڊ عمل روڪڻ واري درخواست رد ڪئي هئي پر گڏوگڏ عدالت اهو به چيو هيو ته لوڪل گورنمينٽ ترميمي ايڪٽ خلاف جماعت اسلامي جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي سڌي ريت چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪيل آهي جيڪڏهن سندن اها درخواست قبول ٿئي ٿي ته ٻيهر چوند ڪرائي ويندي پر عدالت جيڪر اڳتي هلي ايئن ڪري ٿي ته پوء ڪراچي ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ويل پيپلز پارٽيء جا لکين ڪارڪن روڊن تي اچي احتجاج ڪري سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هن وقت جنهن احتجاج جون ڌمڪيون جماعت اسلامي ڪراچي ڏئي رهي آهي ان کي شايد پيپلز پارٽي جي احتجاجن واريء پوري تاريخ جي ڪابه ڄاڻ ڪانهي.
ڪراچيء اندر پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاھ سال اڳ هڪ وڏي طاقت رکندي هئي پر پوء اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين سبب پ پ کي ڪراچيء ۾ سوڙهو ڪري جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم کي هٿ سانن تيار ڪيو ويو پر هن وقت هڪ دفعو ٻيهر پورن پنجاھ سالن کان پوء سنڌين لاء ذري گهٽ اوپرو بڻجي ويل ڪراچيء ۾ هڪ دفعو ٻيهر پيپلز پارٽيء پنهنجي ڪاميابين جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا آهن جنهن جو سهرو يقينن سموري پارٽي پر خاص طور تي سعيد غنيء ڏانهن وڃي ٿو جنهن جيڪو چيو اهو ڪري به ڏيکاريو. ڪراچيء جي ماڻهن کي ذري گهٽ اڌ صديء تائين طاقت جي زور تي غلام رکيو ويو جن کي هاڻي پيلز پارٽي اچي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي. پنجاھ سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ جو جيالو ڪراچيء جو ميئر ٿيڻ ۽ سنڌ دشمن فاشسٽ سوچ رکندڙ تنگ نظر حافظ نعيم کي شرمناڪ شڪست ڏيڻ تي سنڌ جا ماڻهو پ پ جي قيادت ۽ خاص طور تي سعيد غنيء کي مبارڪون ڏيڻ سان گڏ اها به اميد ڪن ٿا ته نئين دور جي تضاضائن کي نظر ۾ رکندي پيپلز پارٽي قيادت پڻ سنڌ جي حقيقي ترقيء لاء ڪجھ ڪري ڏيکاريندي.

2 تبصرے “پيپلز پارٽيءَ ڪراچي جي 50 سالن جي تاريخ بدلائي ڇڏي!

  1. hello there and thank you for your information – I have definitely picked up something new from right here. I did however expertise several technical points using this website, since I experienced to reload the site lots of times previous to I could get it to load correctly. I had been wondering if your web host is OK? Not that I’m complaining, but sluggish loading instances times will very frequently affect your placement in google and could damage your high quality score if ads and marketing with Adwords. Anyway I am adding this RSS to my email and can look out for a lot more of your respective fascinating content. Make sure you update this again soon.. Escape room

اپنا تبصرہ بھیجیں