اڄوڪي روزاني ڪاوش ۾ ڇپيل منهنجو آرٽيڪل

پنجاب ۾ اعلانيل چونڊون ملتوي ٿيڻ سان حڪومتي ڌر جي وڏي ڪاميابي

سامهون آئي آهي جڏهن ته هن فيصلي سان پي ٽي آء قيادت سخت م

ايوسيء جو شڪار ٿي وئي آهي. آئون واضح نموني هيء ڳالھ دهرايان

ٿو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم سرڪار ماڻهن جي توقعات تي ڀلي پورو نه

به لهي ها ۽ عوام کي ڀلي ٻيو ڪوبه رليف نه ڏئي سگهي ها پر پنهنجي

پاليسين جي ذريعي رڳو مهانگائيء تي ڪنٽرول ڪري وڃي ها ته هن

وقت عمران خان جي سڏ تي زمان پارڪ ۾ ماڻهن جي سمنڊ بدران ڪاريء وارا ڪک هجن ها،

ڇاڪاڻ ته عمران خان جي چئن سالن واري حڪومت دوران ملڪ

جو عوام ان وقت ٿيل تاريخي مهانگائي سبب عمران خان کان

سخت بيزار ٿي پيو هيو، اهو ئي سبب هيو ته جڏهن عمران خان جي

حڪومت وئي ته ملڪ جي ماڻهن شهباز شريف کي ڀليڪار چيو ۽

اهو سمجهيو ته هيء سرڪار کين عمران خان جي ڪيل

ظلم مان اچي ڇوٽڪارو ڏياريندي پر ٿيو ان جي ابتڙ.
اسان ڀلي کڻي چئون ته هي سموري مهانگائي عمران سرڪار

جي پاليسين جو نتيجو آهي پر عام ماڻهو اها ڳالھ سمجهڻ کان قاصر آهي،

عام ماڻهو سياسي بحثن ۾ پوڻ بدران اٽي جو اگھ پڇي ٿو ۽ پيٽرول

جو اگھ پڇي ٿو جيڪو هڪ سال اندر ٽيڻون ۽ چنئوڻو وڌي چڪو آهي.
هن هڪ سال اندر ٿيل مهانگائي شايد گذريل ڇاليھ سالن اندر به ايتري

نه ٿي آهي. اڄ رمضان جو چوٿون روزو آهي ۽ پاڪستاني عوام

جي هن مبارڪ مهيني رمضان ۾ به ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سان آجيان

ڪئي وئِي آهي. رمضان جو مهينو اچڻ وقت حڪومت کي ڪي جوڳا

اپاء وٺڻ گهرجن ها يا وري ڪو رليف ڏيڻ گهرجي ها پر ٿيو ايئن

جو رمضان ايندي ئي منافعي خور ٻِرن مان نڪري آيا، سرڪاري ۽

بازار جي اگهن ۾ به زمين آسمان جو فرق اچي ويو. غربت جا ماريل

ماڻهو اٽي جي تلاش ۾ رلي رهيا آهن رمضان جو اعلان ٿيندي ئي

رات وچ ۾ هر شيء ٻيڻ تي مهانگي ٿي وئي، مثال طور رڳو فروٽ

کي ڏسجي ته جيڪي ڪيلا في درجن 160 رپين جا هئا اهي

ڪيلا 300 رپين ۾ درجن ۾ وڪرو ٿين پيا. صوف جو سرڪاري اگهه

193 رپيا ڪلو مقرر آهي پر بازار ۾ اهي به 300 رپيا في ڪلو جي حساب سان

ملي رهيا آهن. رمضان ايندي ئي 60 رپين ۾ ڪلو ملندڙ هنداڻو 200

رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته زيتون 120 رپين بدران 250 رپين

۾ وڪرو ٿين پيا. اٽي جي ڳولها ۾ ڀٽڪندڙ ماڻهن جو حال هي

آهي ته ڪي پي ۾ هڪ شهري سستي اٽي جي چڪر ۾ حياتي

وڃائي ويٺو آهي. چارسده شهر جي سستا بازار ۾ مفت سرڪاري

اٽي جي ورهاست دوارن ڀاڄ پئجي وئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪري

زخمي ٿي پيا جن مان هڪ زخمي فوت ٿي ويو.
مطلب ته اٽي جي تلاش ۾ ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي رهيون

آهن اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت هر طرح سان عمران خان

تي حاوي هجڻ باوجود عوام مان ساک وڃائي رهي آهي جڏهن ته عمران خان

تمام تر خرابين باوجود وفاقي سرڪار جي ناڪامين سبب عوام ۾ مقبوميت ماڻي رهيو آهي.
پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ واري فيصلي تي پي ڊي ايم سرڪار

تمام گهڻو خوش نظر اچي رهي آهي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت

پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري فيصلي

جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن بهترين فيصلو ڪيو آهي.

اهو سچ آهي ته هڪ شخص جي انا جي ڪري 2 اسيمبليون ٽوڙيون ويون،

ملڪ معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، دهشتگردي

جا واقعا به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن صوبن ۾ الڳ چونڊون

ڪرايون وڃن ها ته ملڪ مستقل بحران جي صورتحال ۾ ئي رهي ها.

پاڪستان جو آئين به اهو ٿو چوي ٿو ته عام چونڊون هڪ ئي وقت

ٿيڻ گهرجن، آئين موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لازمي ضرور

آهن ور قانوني ماهرن موجب اهي سموريون چونڊون هڪ ئي وقت

ٿيڻ ضروري هونديون آهن نه ڪي ڪن مخصوص علائقن يا صوبن ۾ الڳ الڳ.
ياد رهي ته 1992ع ۾ ڪي پي ڪي ۾ 5 مهينن کان وڌيڪ نگران

سيٽ اپ برقرار رهيو هيو ان وقت اهڙي ڪابه ڳالھ نه ڪئي وئي هئي.

وري اهو به ڏسجي ته 1947ع کان وٺي هن وقت تائين سڄي ملڪ

۾ چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿينديون رهيون آهن. چونڊن تي مختلف

بحث هلي رهيا آهن، هڪ طبقي جي راءِ آهي ته 2 اسيمبلين ۾ چونڊون

ٿيڻ سان وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ٿيندو، آئين موجب سڄي ملڪ ۾

قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن.

هن وقت آئين جون ڳالهيون ڪندڙن کي اهو به ياد رکڻ گهرجي

ته عمران خان اقتدار ۾ ويهي آئين جون جيڪي ڀڃڪڙيون ڪيون،

اهي ڪهڙي قانون تحت ڪيون ويون. پر انهن سمورين حقيقتن کان اکيون

ٻوٽي پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب ۾ چونڊون ملتوي

ڪرڻ وارو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،

ان حوالي سان پي ٽي آء جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن

داخل ڪري اليڪشن ڪميشن تي غداري ڪيس هلائڻ جو مطالبو

ڪيو ويندو. پي ٽي آء قيادت موجب اليڪشن ڪميشن عدالت جي واضح

حڪم باوجود چونڊون ملتوي ڪري آئين جي سنگين خلاف ورزي ڪئي آهي، پي ٽي آء پاران ته اليڪشن ڪميشن جي پنجن ئي ميمبرن مٿان آرٽيڪل 6 تحت غداري ڪيس هلائڻ جو به

مطالبو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ پاران هڪ نئون بحران به کڙو ڪيو ويو آهي،

سندن چوڻ آهي ته جيئن ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف

ڪابه نظرثاني واري اپيل داخل نه ڪئي هئي انڪري اليڪشن ڪميشن

جي چونڊون ملتوي ڪرڻ واري فيصلي باوجود پنجاب ۾ چونڊون 30

اپريل تي ئي ٿيڻيون آهن ان کانسواءِ ڪابه گنجائش ناهي. حيرت جي

ڳالھ آهي ته پي ٽي آءِ پاران پنهنجن اُميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي

ته پنهنجي تياري جاري رکن، بحرحال پي ٽي آء پاران چونڊون ملتوي ٿيڻ واري

اي سي پي جي فيصلي کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج به ڪيو ويو آهي جتي

شايد کين اميد آهي ته فيصلو سندن حق ۾ ايندو.
عمران خان ان حوالي سان تمام گهڻو پراعتماد به نظر اچي ٿو، سندس

چوڻ آهي حڪمران ڊنل آهن ته 30 اپريل تي چونڊون ٿيون ته هو هارائيندا،

هڪ عرب اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته عدالتن ۾ پيشي کان بچڻ نه

ٿو چاهيان پر پيش نه ٿيڻ جو سبب نومبر ۾ قاتلاڻي حملي ۾ رسيل زخم

يا سيڪورٽي خطرا آهن، هن موجب عدالت ۾ ان ڪري نه ويس جو اها

غيرمحفوظ هئي ڇاڪاڻ ته حڪومت خود چوي ٿي ته منهنجي

حياتي کي خطرو آهي. اليڪشن ملتوي ٿيڻ واري فيصلي بابت

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن

پنجاب جون چونڊون آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

عمران خان موجب ته اسان پنهنجي 2 صوبائي اسيمبلين کي ان

اميد سان ٽوڙي ڇڏيو هو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون جيئن آئين ۾ لکيل آهي.

اسان اها ڪارروائي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي يا دهشتگردن

جو راڄ مڙهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ناهي ڪئي. توڙي جو حڪومت

پاران پنجاب ۾ اليڪشن ملتوي ٿيڻ واري فيصلي جي ڀرپور آجيان

ڪندي خوشيء جو اظهار ڪيو آهي پر ان فيصلي خلاف

پي ٽي آء کان علاوه ٻيون ڌريون به حڪومت جي راھ ۾ رڪاوٽ

بڻجي رهيون آهن. پي ٽي آء کان پوء سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن

به پنجاب اسيمبلي جون چونڊون آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ جي

سخت مذمت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ بار چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن

چونڊون آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري آئين ٽوڙيو آهي، اليڪشن ڪميشن ڪنهن

به صورت ۾ تاريخ تبديل نٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ واضح

هو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ لازمي آهي. سپريم ڪورٽ بار موجب

اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني مينڊيٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم

جي ڀڃڪڙي ڪئي، اليڪشن ڪميشن آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي

جي غلط تشريح ڪئي، آئين تحت نگران حڪومت به 90 ڏينهن کان

وڌيڪ قائم نٿي رهي سگهي. سپريم ڪورٽ بار چيو آهي ته

اليڪشن ڪميشن جي آئين جي کليل ڀڃڪڙي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندي،

سمورا آئيني ادارا آئين جي تحفظ لاءِ گڏيل قدم کڻن. هاڻي

ظاهري طور ته حڪومت کي اليڪشن کان بچڻ لاء عارضي رليف ملي

ويو آهي پر پوء به معاملو سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ سبب هڪ دفعو ٻيهر

سياسي پنڊتن جون نظرون سپريم ڪورٽ ۾ کتل هونديون

جتي جيڪڏهن فيصلو عمران خان جي حق ۾ اچي ٿو ته پوء يقينن

موجوده حڪومت لاء تمام گهڻيون ڏکيائيون پيش اينديون ڇوته

بدقسمتيء سان موجوده حڪومت عوام کي رليف ڏئي عوام

جي دلين ۾ جايون ٺاهڻ بدران عمران خان جي هٿڪنڊن کان

بچڻ لاء سندس طرح جا ئي هٿڪنڊا استعمال ڪري رهي آهي.

ن ليگ کي شايد خبر پئجي وئي آهي ته ملڪ جي عوام

جو حال جيڪو عمران خان ڪيو هيو ان کان به بدتر حال هنن اچي هڪ سال ۾ ڪيو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں