ڇا ملڪ ۾ عدالتي اوج قائم آهي؟

قومي احتساب بيورو (نيب) تمام گهڻين ڪوششن کان پوء نيٺ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سوگهو ته ڪري ورتو پر فقط هڪ رات جي مهماني کائڻ کان پوء ملڪبجي سمورن ادارن کي سمورا هٿيار ڦٽا ڪري عدالتي حڪم تي اڪيلي عمران خان آڏو هٿيار ڦيا ڪرڻا پئجي ويا. ان کان اڳ عمران خان عسڪري ادارن خلاف بيان بازي سميت مختلف ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته اتي رينجرز اهلڪارن کيس جهلي ورتو هيو، بعد ۾ نيب پاران ظاهر ڪيو ويو ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن لاء نيب اختيارين سندس گرفتاري جا وارنٽ به جاري ڪيا هئا، عمران خان ڪيس ۾ بائيو ميٽرڪ لاءِ موجود هو ۽ جيئن ئي ويل چيئر تان لٿو ته کيس رينجرز گرفتار ڪري ورتو، سندس گرفتاري بعد اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. عمران خان جي گرفتاري وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو به ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ وڪيل زخمي پڻ ٿي پيا. عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران پرتشدد احتجاج به شروع ٿي ويا. عمران خان جي نيب ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ سندس پارٽي اڳواڻن ۽ ورڪرز سموري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا، ڪراچي جي مک شاهراهه، شاهراهه فيصل تي پي ٽي آءِ ورڪرز توڙي عام شهرين ڌرڻو هنيو ۽ پرتشدد ڪاروايون ڪيون جن ۾ پيپلز بس سروس جون ٽي بسون ساڙڻ سان گڏ ڪيتريون ئي خانگي گڏيون پڻ باھ ڏئي ساڙيون ويون. اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڌرڻا هنيا ۽ گاڏيون ساڙڻ سان گڏ سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي باھ ڏئي ساڙيو ويو. دلچسپ ڳالھ اها هئي ته عوام پاڻ مرادو رستن تي نه نڪتو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن، شاهه محمود قريشي، علي زيدي، حليم عادل شيخ ۽ ٻين وڊيو بيانن ۾ عوام کي رستن تي نڪرڻ لاء اپيل ڪئي جنهن بعد ڪراچيء ۾ حليم عادل شيخ پاڻ رستن تي دهشتگردي ڪندي نظر آيو. ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي اهڙن عملن کي ڏسندي سرڪار به وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي کي به گرفتار ڪيو ويو، اهي ٻئي اڳواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ آيا هئا، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته کين عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه پئي ملي، عدالت نوٽيس وٺي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي. سندن اها درخواست واڳ ڌڻين تائين پهچڻ کان اڳ هو پاڻ ئي جهلجي پيا. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري کي به سپريم ڪورٽ جي عمارت مان ٻاهر نڪرندي ئي گرفتار ڪيو ويو. اهڙي طرح پي ٽي آء اڳواڻن جي گرفتارين جي خبر ٻڌندي ئي سڀ اڳواڻ پاسيرا ٿي ويا جڏهن ته رستن تي باقي وڃي ڪارڪن بچيا. عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاجن ۾ اهم ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالھ اها هئي ته جيتوڻيڪ هي احتجاج ملڪي تاريخ جي حساب سان ڪي وڏا ۽ غير معمولي احتجاج ته نه هئا پر هنن احتجاجن جي آڙ ۾ پهريون ڀيرو پاڪ آرمي جي اهم مرڪزن ۽ آفيسن تي حمله ڪيا ويا. يقينن هنن حملن جي پٺيان ڪي عام رواجي ماڻهو شامل نه هوندا ڇاڪاڻ ته پنڊي جي جنرل هيڊ ڪوراٽر جو مين گيٽ هجي يا لاهور جي ڪور ڪمانڊر جو گهر هجي اهي اهڙا هنڌ آهن جتي عام ماڻهو يا ڪارڪن حملو ڪرڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهي. پاڪ آرمي جي اهم آفيسن ۽ هنڌن تي حملا اهڙي ريت ٿي رهيا هئا جهڙوڪر هي ڪنهن سياسي پارٽي جا ڪارڪن نه پر ڪنهن دشمن ملڪ جا فوجي دستا هجن. هنن ڇڙواڳ ڪارڪنن بعد ۾ اسلام آباد جي سيڪٽر جي 11 ۾ واقع ٿاڻي کي به باهه ڏئي ڇڏي جڏهن ته هڪ بڪتربند گاڏي کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو. اسلام آباد پوليس موجب ته مظاهرين طرفان فائرنگ به ڪئي وئي. ڪراچي ۾ ته ايڌي جون ايمبولينسز به ساڙيون ويون. پنجاب پوليس طرفان رڳو پهرئين ڏينهن جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب عمران خان جي گرفتاري بعد شروع ٿيل احتجاج دوران پرتشدد ڪاررواين ۾ صوبي ۾ 145 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿيا جن ۾ 60 کان وڌيڪ جو تعلق لاهور سان هيو، پوليس موجب شرپسند عناصرن 100 سرڪاري گاڏين کي به نقصان پهچايو. هنن فسادن ۾ اخباري رپپرٽرن موجب هيل تائين 10 کان پندرهن ماڻهو پنهنجيون حياتييون به وڃائي ويٺا آهن. ايڏي خون ريزي ۽ ڀڃ ڊاھ جو سبب بڻجندڙ عمران خان جي گرفتاري عدالت سڳوري پاران غير قانوني قرار ڏيندي کيس فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان ٻيهر رابطي جو حڪم ڏئي پنهنجي پر ۾ انصاف جي تراضو کي متوازن ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. اسلام آباد هاء ڪورٽ پاران عمران خان جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏيڻ کان پوء عمران جي وڪيلن سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هيو جنهن فوري طور تي حڪم جاري ڪيو ته عنران خان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، عمران خان جي پيشي وقت عدالت جا در بند ڪيا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به غير معمولي ڪيا ويا. آءِ جي اسلام آباد پاڻ عمران خان کي کڻي عدالت پهتو جتي عدلات سڳوري سڄي ملڪ جي سمورن ادارن کي هڪ پاسي رکي عدالت سڳوري جي تقدس پائمال ٿيڻ جي ڏوھ ۾ عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اهڙي ماجرا ڏسڻ کان پوء پنجاب ۽ ڪي پي کان سواء باقي ٻن صوبن جا ماڻهو اهو سوچڻ تي پڻ مجبور ٿيا آهن ته عمران خان جي جاء جاء تي اگر مظلوم قومن سنڌي ۽ يا نلوچن جو اڳوڻ هجي ها ته ان سان ڪهڙو حشر ڪيو وڃي ها. اهو ئي نه پر لاهور جي ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ جي ايڇ ڪيو جا دروازا ٽوڙيندڙ اگر سنڌي يا بلوچ هجن ها ته پوء ڇا ٿئي ها؟ بحرحال پاڻ ته فقط سوال ئي ڪري سگهون ٿا ۽ چئون ٿا ته اهو سمورو عمل يقينن افسوسناڪ آهي، عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن؟ آصف علي زرداري 14 سال جيل ۾ رهيو پر ڪڏهن جيالن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني وئي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جو عمل ڪنهن به ريت ملڪ جا سڄڻ نٿا ڪري سگهن. عمران خان پاڻ چوي ٿو ته هو ڪيسن کان نٿو ڊڄي ته پوء کيس اگر ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ته کيس ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي ها. کيس ڏسڻ ۽ ياد ڪرڻ گهرجي ته پ پ اڳواڻن پنهنجون عمريون جيلن ۾ گذاري ڇڏيون پر ڪڏهن قانون هٿ ۾ نه کنيو. هيلوڪي صورتحال سبب پي ٽي آءِ قيادت ملڪ کي خطرناڪ رخ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي هٿياربند ڪارڪنن سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا، ايمبولينسز کي ساڙيو ويو، حساس ادارن کي نشانو بڻايو. ٻيو ته ٺهيو پر پي ٽي آءِ جي هٿياربندن قوم جي شهيدن ۽ هيروز جي يادگارن جي پڻ بي حرمتي ڪئي. پيپلزپارٽي ته قربانين جو ٻيو نالو آهي پر نواز شريف به سئو کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳي چڪو آهي، ۽ڀپنهنجي ڌيء سان گڏ جيل ڪاٽي چڪو آهي، پوء ڇا ن ليگ ڪارڪنن ڪڏهن اهڙو عمل ڪيو؟ انهن ڪيترين ملڪيتن کي باهيون ڏنيون؟ عمران خان جي دور ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر، خورشيد شاھ کان علاوه نوازشرف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر اڄ هو ان ساڳي نيب جون دانهون ڪري رهيو آهي جنهن کي اڃان به وڌيڪ مظبوط ڪرڻ لاء عمران خان ڪوششون ڪندو رهيو. هن وقت جيڪو ڪجھ به مُلڪ ۾ ٿي رهيو آهي سو سمورو لقاء پاڪستان جو عوام ڏسي رهيو آهي. سرڪاري ملڪيتن ۽ دفاعي ادارن تي حملا ڪندڙن جي پٺيان لڪل چهرا به سامهون اچي رهيا آهن. ملڪي معيشت هن وقت سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، ڊالر تاريخ جي مٿاهين ترين اڏام تي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو غلط تاثر پيش ڪرڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي. هي سڀ تڪليفون ان ڪري آهن جو پي ٽي آءِ جو حڪومتي دور پاڪستاني تاريخ جو بدترين دور هو جنهن جا سمورا عمل هاڻي سامهون اچي رهيا آهن. هن حڪومت جيڪڏهن نيب قانونن ۾ ترميم ڪري 90 ڏينهن جي رمانڊ کي 14 ڏينهن ۾ تبديل ڪيو آهي ته انهن نيب ترميمن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو به عمران نيازي کي ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ جو اڄڪلھ عمران خان ئي نيب جي زد ۾ آيل آهي، عمران نيازي کي نيب ئي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو.
هن سڄي ڀونچال ذريعي القادر ٽرسٽ ڪيس جي اصل حقيقتن کي وڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته القادر ٽرسٽ ڪيس در اصل سنڌ جي مال تي لڳل ڌاڙي جو ڪيس آهي جنهن کي هر صورت ۾ عوام کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. القادر ٽرسٽ ڪيس جا تفصيل هاڻ ذميوار ميڊيائي ادارن ذريعي پڌرا ٿيڻ لڳا آهن جنهن کان پوء اها ڳالھ معلوم ٿي آهي ته بحريه ٽائون جي ملڪ رياض لڳ ڀڳ 50 ارب رپين جي رقم پاڪستان مان غير قانوني طور برطانيه منتقل ڪئي هئي جيڪا رقم برطانيه جي ڪرائيم ايجنسي ٽريس ڪري ورتي هئي ۽ اهڙي غير قانوني ٽرانزيڪشن سبب ملڪ رياض تي 140 ملين پائونڊز جو ڏنڊ وڌو ويو ۽ ڏنڊ جي رقم به پاڪستان موڪلي وئي پر اها رقم بجاء پاڪستان جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جي وڏي چالاڪيء سان ڪراچي جي بحريه ٽائون ڪيس ۾ ڏنڊ طور سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جڏهن ته ڪراچي جي بحريا ٽائوم واري زمين هڙپ ڪرڻ جي ڏنڊ واري رقم سڌو سنئون سنڌ جي ملڪيت هجڻ گهرجي. بحرحال برطاميا مان آيل رقم بابت 2 ڊسمبر 2019 تي عمران خان جي وفاقي ڪابينا ان جي منظوري ڏني ۽ فنڊز حڪومت پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيڻ بدران سپريم ڪورٽ جي نيشنل بينڪ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ويا، بعد ۾ اڳواٽ رٿيل پروگرام تحت 26 ڊسمبر 2019 تي عمران خان پاران القادر يونيورسٽي ٽرسٽ قائم ڪيو ويو جنهن جو پهريون ڊونر ملڪ رياض بڻيو، ٽرسٽ جي لڪل معاهدي موجب بحريه ٽائون پاران سوهاوا ۾ 60 ايڪڙ زمين خريد ڪري عمران خان جي ويجهي دوست ذلفي بخاري جي نالي ٽرانسفر ڪئي جنهن جي ڪاغذن ۾ ڪٿ 93 ڪروڙ رپيا ڄاڻائي وئي پر اها زمين اربين رپين جي هئي. طئه ٿيل خفيه پلان تحت 22 جنوري 2021ع تي ذلفي بخاري اها زمين ٽرسٽ جي نالي منتقل ڪئي ۽ تاثر اهڳ ڏنو ويو ته زمين ملڪ رياض نه پر زلفي بخاري ٽرسٽ کي ڏني آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ان زمين جي ڊونيشن جو معاهدو بني گالا ۾ ملڪ رياض ۽ بشريٰ بيبي وچ ۾ ڪيو ويو هئو، معاهدي موجب القادر يونيورسٽي جي قيام کان ويندي سمورا خرچ بحريه ٽائون ادا ڪندو ۽ مستقل ڊونيشن به جاري رکندو اڳتي هلي اهڙي معاهدي تحت جنوري کان ڊسمبر 2021 تائين ٽرسٽ کي 180 ملين رپيا ڊونيشن به ملي پر پهرين مئي 2023 تي نيب ان ڪيس ۾ عمران خان جا وارنٽ جاري ڪيا ته معاملو بگڙي ويو. بعد ۾ توشا خانه ڪيس هجي يا القادر ٽرسٽ ڪيس هجي ور عمران خان گرفتاري کان بچڻ لاء ڪارڪنن ذريعي مزاحمت ڪندو رهيو نيٺ نيب کيس گرفتار ته ڪري ورتو پر فقط هڪ رات پاڻ وٽ رکڻ بعد کيس آزاد ڪرڻو پئجي ويو. هن سڄي ڪهاڻيء مان پاڻ کي فقط ٻه سبق ملن ٿا هڪ ته ملڪ ۾ هن وقت بلڪل به عدالتي مارشل لا لڳل آهي ان ڪري هڪ شخص جيئن چاهي ايئن ٿيندو پوء ڀلي سڄي ملڪ ۾ موت جي ران ۽ باهيون ڇو نه لڳل هجن، ٻيو سبق اهو مليو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي سان لاڳاپيل سياسي اڳواڻن جيڪر چاهين ته فوجي ادارن مٿان حملا ڪرائي ڇڏين تڏهن به انهن لاء ڪا سزا ڪانهي پر سنڌ ۽ بلوچستان جا اڳواڻ جيڪر پرامن طريقي سان رڳو عوام جي ڳالھ به ڪن ته به انهن لاء جيل ۽ ڦاسيون تيار آهن!

اپنا تبصرہ بھیجیں