آدم شماري ڪانفرنس ۽ قومپرستن جا رويا.

سنڌ جي بدنصيبي يا تاريخ جي ستم ظريفي چئجي ته هن ملڪ جي قائم ٿيندي ئي سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن جي ڌرتيء تي سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن بدران ڌارين جي جيڪا يلغار ۽ آبادڪاري شروع ٿي هئي سا مني صدي گذرڻ باوجود به اڃان سوڌو جاري آهي جنهن جي ڪري هن وقت صورتحال اها وڃي بيٺي آهي جو باقي صوبن جا ماڻهو ته آرامي آهن پر سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وجود بچائڻ لاء جهڙوڪر حالت جنگ ۾ اچي ويا آهن. ايس يو پي جا سوين ڪارڪن هڪ مهيني کان مٿي پيرين پنڌ ڪري اچي ڪراچي پهتا آهن ته جيئن دنيا جو ڌيان سنڌ جي مسئلن ڏانهن ڇڪجي اچي ۽ ايس ٽي پي جا سوين ڪارڪن به گذريل اڌ مهيني کان ڪراچي پريس ڪلب تي ويهي ساڳين مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاء احتجاج ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنڌ جا سمورا ساڃاھ وند، سياسي سماجي ڪارڪن توڙي هر مڪتب فڪر جا ماڻهو سنڌ جي جياپي جي ساڳي جنگ هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ پنهنجي پڻهنجي ۡحيثيت آهر الڳ سان وڙهندا اچن. سنڌي ماڻهو هاڻي ان ڳالھ ۾ ٻي ڪابه راء نٿا رکن ته ڌارين ماڻهن جي اچڻ ڪري سنڌ جا شهر، ڳوٺ، روزگار جا وسيلا، نوڪريون، ڪاروبار توڙي سنڌ جي حاڪميت ڌارين جي حوالي ٿيندي ٿي وڃي. سنڌ جي ڀيٽ ۾ ساڳئي ئي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ اتان جي والي وارثن کان سواء ٻئي ڪنهن به صوبي جي ماڻهن جي ايتري مالڪي يا مداخلت ناهي جيتري پاڻ وٽ آهي. ملڪي آئين جو سهارو وٺي سنڌ ۾ ترسيل ٻين صوبن جي ڳالھ ته کڻي سمجھ ۾ اچي ٿي پر اسان سان ستم ظريفي اها ٿيل آهي ته ملڪ کان ٻاهر جي ٻين ملڪن جون لوڌون به اسان جي ڳاٽي ۾ پيل آهن جن لاء تمام تر قانون هوندي به هميشه اکين تي پٽيون ٻڌيون ويون آهن. افغانستان جي لکين پناهگير هجن يا برما توڙي بنگلاديش جا اهي غير قانوني طور ترسيلبلکين ماڻهو هجن جيڪي اڄ به ڪراچيء جي امن لاء سواليا نشان بڻيل آهن، يا پاڪستان ٺهڻ کان پوء ڀارت جي يوپي سي پي کان ايندڙ مسلسل اهي پناهگير هجن جن جا نسل ته هتي پيدا ٿيا پر اڄ به انهن سنڌ کي پنهنجي ماء تسليم ناهي ڪيو. اهڙي ريت سنڌ ۾ رهندڙ سمورا ڌاريان اڄ به سنڌ ۾ رهڻ ۽ سنڌ ۾ روزگار ڪري سکيو ستابو ٿيڻ باوجود به پنهنجي اندر ۾ اڄ به ساڳيو سنڌ دشمن رويو رکندا اچن. ان جو هڪ مثال ڪراچيء جي پ پ جي ٽڪيٽ تي ئي چونڊيل ايم اين اي قادر مندوخيل جو آهي جيڪو قومي اسيمبليءَ ۾ وڃي بل پيش ڪري ٿو ته جيڪو به ماڻهو 6 مهينا جتي به رهي، ان کي ڊوميسائيل ڏنو وڃي. آئون سمجهان ٿو ته اها انتهائي بدنصيبي جي ڳالھ چئبي ته پيپلز وارٽي نج سنڌين جي نمائنده پارٽي آهي پر ان پارٽي جي ٽڪيٽ تان چونڊيل ڪراچيء جو ماڻهو به هن ڌرتيء کي پنهنجو ڪرڻ لاء تيار ناهي. ڌارين جي اهڙن روين جي ڪري ڌرتي ڌڻي به ڪڏهن خاموش ٿي ناهن ويٺا پر اسان جي اڻ ڄاڻائي جي ڪري يا ڪٿي ڪٿي ڄاڻي واڻي ڌرتي سان ڌارين واري روش جهڙن روين جي ڪري سنڌ جي نصيبن ۾ سڻائي ٿي ناهي سگهي. پاڻ ڪاوش جي هنن ئي پنن تي ايس يو پي توڙي ايس ٽي سميت پاران سنڌ جي مسئلن تي هلندڙ جدوجهدن خاص ڪري ڊجيٽل آدم شماري خلاف هلندڙ سندن احتجاجن جي تعريف ڪري چڪا آهيون جيڪو سندن حق به هيو پر اسان سميت سمورن سنڌ جي سڄڻن جي اهڙي آواز اٿارڻ کان پوء پارليامينٽ جهڙي اهم مورچي تي سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ قدم اڃان به اڳتي اچي ڊجيٽل آدم شماري بابت سنڌ جي خدشن ۽ اعتراضن کي سهيڙي وفاق جو ڌيان ڇڪائڻ لاء آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ته ان ڪانفرنس ۾ ايس ٽي پي کان علاوه باقي قوم پرست ڌرين پاران شرڪت کان انڪار ڪري ڪيئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن. سوچڻ جي ڳالھ آهي ته اسان هي سمورا احتجاج آخر ڇاجي لاء ڪري رهيا آهيون؟ ظاهر آهي ته هي سڀ احتجاج ان ڪري ڪري رهيا آهيون ته جيئن سنڌ جي ٻين مسئلن کان علاوه موجوده دور جو اهم مسئلو ڊجيٽل آدم شماري وارو اشو دنيا آڏو اچي ۽ ان بابت سنڌين جي رزرويشنس کي وفاق ٻڌي ۽ ان بابت پنهنجيون سنڌ دشمن پاليسيون تبديل ڪري.
ته پوء جڏهن ان آواز کي اڃان به سگهاري انداز ۾ وفاق تائين پهچائڻ لاء پيپلز پارٽي پنهنجو پليٽ فارم مهيا ڪيو ته اسان جي قوم پرست اڳواڻن اتي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته قوم پرستن پاران هن ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار کان اڳ ۾ سڀ کان پهرين هن ڪانفرنس تي ايم ڪيو ايم اعتراض واريا ۽ بائڪاٽ جو اعلان ڪيون ان بعد سنڌ جي قوم پرستن هڪ هڪ ٿي پنهنجا اعتراض وارايا ۽ اچڻ کان انڪاري ٿيا جنهن کان پوء يقينن سنڌ جو ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿيو آهي ته قوم پرست ڌريون آخر ڪنهن جي اشاري تي ان ڪانفرنس ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو؟ ڇا قومپرستن کي پيپلز پارٽي سان ڪو ازلي وير آهي يا اهي سڌي يا اڻ سڌي طرح اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي ايم ڪيو ايم واري ساڳي روش رکن ٿا؟ پيپلز پارٽي پنهنجي حصي جو ڪم ته اڳ ۾ ڪري رهي آهي پر سندن ان قدم جي اهميت کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو ته هنن پاڻ سان گڏ باقي سنڌ جي اسٽيڪ هولڊرز جو آواز به وفاق تائين پهچائڻ جي اها ڪوشش ڪئي جيڪا ايم ڪيو ايم سان گڏ سنڌ جي اڪثريتي قوم پرست لڏي کي ڪونه وڻي. اوهان ڏسو ته ڊجيٽل آدم شماري خلاف پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو باضابطه طور پنهنجا اعتراض اٿاري چڪو آهي ۽ ايتري حد تائين به چئي چڪو آهي ته وفاق سنڌ جي اشوز تي پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته هو وفاقي حڪومت ۾ پنهنجون وزارتون ڇڏڻ لاء به سوچي سگهن ٿا. ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف سان خميس واري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊجيٽل آدم شماري واري مسئلي تي سنڌ جا خدشا پيش ڪرڻ لاء ٻيون دفعو ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير آدمشماري بابت سنڌ جي اعتراضن کان وزير اعظم کي تفصيلي آگاهي ڏني، ذريعن مطابق وڏي وزير آدمشماري جي عملي کي مڪمل فنڊ جاري نه ٿيڻ سبب آدمشماري جي حوالي سان مڪمل ڪوريج نه ٿيڻ جا خدشا به ظاهر ڪيا، آدمشماري دوران روزانو گڏ ٿيندڙ ڊيٽا تائين مڪمل رسائي نه ملڻ، ڌارين جي ڌار ڳڻپ سوڌو آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط تي عمل نه ٿيڻ جون شڪايتون به وزيراعظم آڏو رکيون، جنهن تي وزير اعظم شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي، وزير اعظم ان حوالي سان آدمشماري ڪرائيندڙ کاتي شماريات بيورو کي شڪايتون ختم ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آھي. ٻئي طرف وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ به چيو ويو ته وزير اعظم سان سنڌ جي وڏي وزير جي ٿيل ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سان گڏ ڊجيٽل آدم شماري واري مسئلي تي به ڳالھ ٻولھ ٿي آهي. سنڌ پاران آفيشلي اهڙن اعتراض کان پوء ملڪ ۾ آدمشماري ڪندڙ اداري شماريات بيورو اندر پڻ ٿرٿلو متل آهي. تازو بيورو جي سربراهه ڊاڪٽر نعيم ظفر 12 مارچ کان شروع ٿيل آدمشماري جي مرحلي کي 4 اپريل تائين مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هي معاملو تڪراري ٿيندو ٿو وڃي ان ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته مقرر وقت تي هي مرحلو ختم ڪري معاملي کي اتي ئي ختم ڪيو وڃي، هن سنڌ بابت جيڪا معلومات فراهم ڪئي آهي ان ۾ ڪراچي جي ڊيٽا انتهائي اهم آهي ، بيورو جي سربراھ موجب ڪراچي جي ڪل 16 هزار سينسز بلاڪن مان 200 کان وڌيڪ سينسز بلاڪن جي لسٽنگ نه ٿي سگهڻ جو به اعتراف ڪيو، سندس چوڻ هيو ته 12 مارچ کان آدمشماري جو مرحلو شروع ٿيو آهي جيڪو 4 اپريل تائين جاري رهندو، آدمشماري دوران انهن شهرين کي به ڳڻيو ويندو جيڪي پنهنجي قانوني سڃاڻپ يا سڃاڻپ ڪارڊ فارهم ڪرڻ کان قاصر هوندا، انهن کي به هتان جي آبادي ۾ شامل ضرور ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪل 16 هزار سينسز بلاڪ آهن جن مان 200 سينسز بلاڪن ۾ هائوس لسٽنگ نه ٿي سگهي آهي، بيور جي سربراھ موجب شماريات بيورو روزانو جي بنياد تي ايندڙ ڊيٽا جو تجزيو ۽ جائزو وٺي رهيو آهي، تازو ٿيل ڊيمو گرافڪ سروي ۽ 2017ع جي ٿيل آدمشماري جي انگن کي استعمال ڪندي ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري جي انگ اکر جي رجحانن جو تجزيو ڪيو پيو وڃي جنهن لاء ملڪ ۾ مجموعي طور تي هڪ هزار 95 آءِ ٽي ماهر فيلڊ اسٽاف جي مدد لاءِ موجود آهن ۽ تمام صوبن جي چيف سيڪريٽرين، ڊپٽي ڪمشنرن، ايس پيز ۽ ٻين آفيسرن کي ريئل ٽائيم مانيٽرنگ ڊيش بورڊ ۾ ايندڙ ڊيٽا تائين رسائي ڏني وئي آهي، هڪ اهم ڳالھ هي به ڪئي وئي ته ٻوڏ متاثرن جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ هجرت واري سوال کي فارم ۾ بحال ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ سبب لڏ پلاڻ ڪري ويندڙن بابت معلوم ٿي سگهي، سندس موجب سنڌ حڪومت جا خدشا ۽ اعتراض بنيادي طور تي اعتماد جي فقدان سبب آهن، 30 اپريل تائين آدمشماري جي ڊيٽا کي حتمي صورت ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته وفاق ۽صوبي وچ اهڙي اعتماد جي فقدان کي ختم ڪرڻ لاء پيپلز پارٽي سنڌ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ڪانفرنس ڪوٺائي وفاق کي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊجيٽل آدم شماري بابت سندن اعتراض نه رڳو اڪيلي سر پيپلز پارٽي جا آهن پر هن اهم اشو تي سموري سنڌ ساڳي سوچ رکي. پ پ پاران سنڌ ۾ جاري مردم شماري تي خدشن بابت ڇنڇر واري ڏينهن ڪراچيء ۾ ڪوٺايل اهڙي آل پارٽيز ڪانفرنس هڪ ھوٽل ۾ ٿي جتي شرڪت لاءَ پ پ پاران سنڌ جي قومپرستن، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، سني تحريڪ، نواز ليگ، فنڪشنل ليگ، جي يوآءِ، اديبن ۽ دانشورن کي دعوت ڏني وئي هئي جنهن ۾ اڪثريتي ڌريون شامل ٿيون پر ايم ڪيو سان گڏ سنڌ جون ڪجھ قوم پرست پارٽيون شامل نه ٿيون جنهن کان پوء ايس ٽي پي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ته پنهنجو موقف ڀرپور نموني اچي پيش ڪيو پر باقي جماعتن پنهنجي ڳالھ روڊن رستن تي ئي اچي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تي يقينن افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. سمجھ ۾ نٿو اچي ته جن ڌرين تائين آواز پهچائڻ لاء قوم پرست احتجاج ڪن ٿا انهن ڌرين تائين سندن آواز کي جلد ۽ وڌيڪ وزنائتو ۽ مئوثر انداز ۾ پهچائڻ لاء مدد ڪرڻ واسطي پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو ته ان ۾ انهن شرڪت ئي نه ڪئي. تازو ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ جي انٽيليجنس ايجنسين رپورٽ جمع ڪرائي هئي ته 40 لکن کان وڌيڪ غير ملڪي غير قانوني طور ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن مان گهڻائي هٿيارن ۽ منشيات جي وڪري، زمينن تي قبضن، دهشتگردي سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي. ان ڳالھ مان اندازو لڳايو ته اصل انگ اکر ڇا هوندا. يعني اهي 40 لک ته اهي ماڻهو آهن جيڪي افغاني آهي پر جيڪي برمي، روهينگين، بنگالي، ۽ ٻيون قومون هتي رهن ٿيون انهن کي ته غير ملڪي سمجهيو ئي ڪونه ٿو وڃي. اهو ئي نه پر ٻين صوبن جي ماڻهن کي به ظاهر آهي ته ان ڳڻپ شمار نٿو ڪيو وڃي ته پوء سوچيو ته سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري ڪيتري آهي. هن وقٿ جڏهن سنڌ ۾ ڊجيٽل آدم شماري ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ کان سواء ئي سنڌ جي آبادي جي ڳڻپ ڪئي پئي وڄي اهڙي وقت جي وفاقي سياست ۾ پڻ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي سنڌ جو ڌيان هٽايو ويو آهي. اوهان ڏسو ته لاهور جي زمان پارڪ کي جنگ جو ميدان بڻائڻ واري هيڏي وڏي تماشي کان پوء اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ عمران خان جا وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪرڻ وارو سيشن ڪورٽ جو فيصلو پڻ معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ڇنڇر واري ڏينهن حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست تي ٻڌڻي لاءِ عمران خان کي ساڍا 5 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ته عمران خان کي وڏي عوامي ميڙ ذريعي عدالت ۾ آڻي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ عمران خان کي هيرو ڪري پيش ڪرڻ کان پوء دهشتگردي جَي 8 ڪيسز ۾ عمران خان جِي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي عمران خان جِي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. عدالت عمران خلاف اسلام آباد جي 5 ڪيسز ۾ 7 ڏينهن جي ۽ لاهور ۾ داخل ٽن ڪيسز ۾ 10 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور منظور ڪري ورتي جنهن کان پوء ملڪي عدالتن لاء نئون تاثر پيدا ٿي رهيو آهي ته ماڻهن جا انبوھ ڏسي انهن جي منشا موجب به فيصلا ڏيڻ جي نئين روايت پئجي رهي آهي ڇا؟ بحرحال منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي ته عدالتن جا اهي سڀ رويا الائي ڇو سنڌ ۽ سنڌ جي سياسي قيادت بابت مٽجي وڃن ٿا. اهو ئي نه پر ان حوالي سان عدالتن جا جيڪي فيصلا ٿيل آهن انهن تي عمل به نٿو ٿئي مثال طور سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيل آهي ته سمورن غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي پر ان حڪم تي اڄ تائين عمل نه ٿيو. عالمي قانون تحت غير ملڪين لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون وينديون آهن، غير ملڪين کي وقتي طور تي انهن ۾ رهايو ويندو آهي ۽ پوءِ کين پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي، پر اسان جي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ لاء وري اهي عالمي قانون به عمل ۾ نٿا اچن. سپريم ڪورٽ ۾ اينجسين پاران جمع ڪيل رپورٽ موجب تھ 40 لک غير ملڪي غير قانوني طور تي ڪراچي ۾ رهن ٿا، جڏهن ته سنڌ جي ساڃاهه وندن جو موقف آهي ته غير ملڪين جو انگ ٽيڻو نه پر چئوڻو آهي. ان ڪري هي مسئلو سنڌ جي زندگي ۽ موت جهڙو مسئلو آهي جنهن تي پيرين پنڌ مارچ ۽ احتجاجن سان گڏ سنجيده قسم جي هر ڪوشش جي به آجيان ٿيڻ گهرجي ها پر انتهائي افسوس سان چوڻو پڻجي رهيو آهي ته قومپرست لڏو پيپلز پارٽي سان ذاتي انا يا بغض جي ڪري ايم ڪيو واري رستي تي هلڻ لاء ته تيار ٿي وڃي ٿو پر سنڌين جي ووٽ تي چونڊجي اينندڙ سنڌ جي نمائنده جماعت يعني پ پ سان گڏ ويهڻ لاء تيار ناهي. ايئن ڇو ۽ ڇا لاء آهي سو سوال اوهان آڏو ڇڏيون ٿا.

اپنا تبصرہ بھیجیں